تيتري 2

تيتري2: ضلعي نوشهري فيروز ۾، پڊعيدن سرڪل ويجهو هڪ ديهه جو نالو. جهنگ ۽ ساوڪ جي ڪري هن علائقي ۾ تِتر پکي تمام گهڻا ٿيندا آهن، ان ڪري هن ديهه جو نالو ئي ’تيتري‘ پئجي ويو. هن ديهه ۾ ’رمضان مبيجو‘، ’الهه جوايو ڀنگو‘، ’ربن خاصخيلي‘، ’جاني مري‘، ’اڪرم مري‘، ’اوٺو گهيڙ‘، ’فاضل جي وانڍ‘، ’نوبت مري‘، ’اصغر مبيجو‘ ۽ ’ميرمحمد لاشاري‘ ڳوٺ آباد آهن . تتر جي شوقينن کي به تيتري چئبو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو